پير محمد هاشم جان سرهندي مولانا

پير محمد هاشم جان سرهندي، مولانا: تحريڪ آزادي جو سياسي اڳواڻ پير محمد هاشم جان سرهندي ولد خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ جو جنم 16 ذوالقعد 1322هه مطابق 22 جنوري 1905ع ۾ ٽنڊي سائينداد، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو، قرآن مجيد جي تعليم مولانا لعل محمد متعلويءَ وٽان حاصل ڪيائين ۽ فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان پڙهيو، ان کانپوءِ اجمير شريف جي مدرسه معينيه جي مولانا معين الدين وٽ پڙهيو، هن طب جي تعليم پنهنجي ڀاءُ حڪيم نظام الدين کان ورتي، اجمير شريف مان واپس اچي مدرسه ’رڪن الاسلام
ٽنڊي سائينداد ۾ درس ۽ تدريس سان لاڳاپجي ويو، هن سياست جي ابتدا جمعيت العلماءِ هند کان ڪئي، جنهن ۾ شموليت اختيار ڪري انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائين. هن 14 ۽ 15 آگسٽ 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ مولانا حسين احمد مدنيءَ جي صدارت هيٺ جمعيت العلماءِ سنڌ جي جلسي ۾ ۽ حيدرآباد واري قلعي ۾ قاري محمد طيب ديوبنديءَ جي صدارت واري عظيم الشان جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ وطن جي آزادي لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو، 23 رمضان 1395هه مطابق 28 سيپٽمبر 1975ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.01.22  عيسوي

پير محمد هاشم جان سرهندي جو جنم 16 ذوالقعد 1322هه مطابق 22 جنوري 1905ع ۾ ٽنڊي سائينداد ، ضلعي حيدرآباد ۾ ٿيو


1975.09.28  عيسوي

پير محمد هاشم جان سرهندي 23 رمضان 1395هه مطابق 28 سيپٽمبر 1975ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دين محمد سيد
حسن ناصر
بولچند تيرٿداس نارواڻي
چيٽو مل
حمل خان جت بلوچ
رئيساڻي اسلم خان
پلي، محمد عثمان
ڄام جکرو
شازيه عطا مري
احمد علي شاهه ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون